جمالي حاجي علي بخش

جمالي حاجي علي بخش: مشهور شاعر، فقير حاجي علي بخش جمالي، آگسٽ 1916ع تي ڳوٺ بچل مهيسر، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن جي تعليم پرائمريءَ جا چند درجا هئي. کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. هن شاعريءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. سندس همعصر شاعرن ۾ عبد عاقلي، مولوي عبدالله اثر، اياز حسين قادري، ميان غلام عباس قادري جوش، زيب عاقلي، محمد علي جوهر، مولوي نور الدين نور ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچن ٿا.
حاجي علي بخش جمالي پنهنجي نالي اڳيان ’فقير‘ لکندو هو. حساس طبيعت جو مالڪ هو. هن معاشري ۾ ٿيندڙ ظلمن، زيادتين ۽ بي انصافين تي سندس دل هميشه ڪڙهندي هئي، جنهن جو ثبوت سندس اها اصلاحي شاعري آهي، جنهن ۾ هن دل کولي پيڙا جو اظهار ڪيو آهي. هن شعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، مولود، مناجات، بيت، غزل، مخمس، مسدس، مثمن، ڪافيون، ٽيهه اکريون ۽ قطعا اچي وڃن ٿا.
فقير حاجي علي بخش جا ٻه ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۽ نعتيه ديوان ’محسن اعظم‘ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جي سهڪار سان شايع ٿيا، جن مان نعتيه ديوان ’محسن اعظم‘ تي کيس 1995ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ به مليو. هيءُ سنڌي لوڪ ادب جي حوالي سان به هڪ سهڻو شاعر هو. سندس مسدس ۽ مخمس ان ڳالهه جا ثبوت آهن. حاجي علي بخش جمالي عاشق رسول صلعم هو. عشق حبيب سندس رڳ رڳ ۾ رچيل هو، جنهن جو ساکي سندس نعتيه ديوان ’محسن اعظم‘ آهي، جنهن جي سٽ سٽ ۽ لفظ لفظ ۾ محمد صلي الله عليه وسلم سان محبت جو مهراڻ موجزن آهي، هن ڪتاب هڪ ئي وقت مختلف صنفون جهڙوڪ: غزل، مثنويون، مسدس، بيت ۽ قطعا الف ب وار (قافين/ رديفن سان) ديوان جي سٽاءَ ۾ لکيل آهن. ’جهڙا گل گلاب جا‘ ڪتاب ۾ هن معاشري ۾ موجود بي راه روي، بي انصافي، قتل غارت، بدامني، ڪوڙ ۽ ڪپت جهڙن موضوعن تي قلم کنيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.08.00  عيسوي

حاجي علي بخش جمالي ، آگسٽ 1916ع تي ڳوٺ بچل مهيسر ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد مشتاق
محبوب عالم
جمال فقير خاصخيلي
ابن صفي
جوڌا ٻائي
احمد شاهه بخاري بکري
جهانگير بادشاهه
چوڌري فضل الاهي
سنت سُروپداس
رضوي شاهه نصرالدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون